اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل ع??ائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل ع??ائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻ??ن حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن ??و اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل ع??ائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش