اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چ??و ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. هن چ??و ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿ??و ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي س??چ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏ??ن کنڊ جو بحران پيدا ٿ??و ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئ?? هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.
کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا