لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کا??سواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم پلاننگ ڪئي ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ صحيح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترق?? ڪئي، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کا?? اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم بزنس پارڪ جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کا??سواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو رخ صحيح آهي اسان ملڪ جي مخت??ف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترق?? ڪئي پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.
ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج