اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران کان ??ڪ وفاقي وزير جي ذريعي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي جي الزام جي مذمت ڪندي ان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر گڏيل ڪانفرنس ۾ چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ۾ هڪ راند کيڏي پئي وڃي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو اسان جي دشمن ملڪ هندستان کي پهچي رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي آءِ جي کي اغوا ڪيو ويو آهي ته هينئر تائين تعزيرات پاڪستان تحت قابل جرم شق جو ڪيس داخل ڇو نه ٿيو آهي، سنڌ پوليس جي ٽوئيٽ م??جب ضابطي تحت ڪيس داخل ۽ گرفتاري ??ي آهي، ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت هڪ قابل ضمانت جرم ۾ صفدر اعواڻ جي گرفتاري ڇو ضروري سمجهي، اهو به ڪوڙ ڳالهايو ويو ته بلاول وزيراعظم سان رابطو نه هئڻ تي آرمي چيف سان رابطو ڪيو، اسان سڀني کي خبر آهي ته توهان ڪمري جي اندر ڇا ڪندا آهيو ۽ ڪمري جي ٻاهر نڪري ڪهڙي جمهوريت جا چيمپئين ٺهي ويندا آهيو، سياسي ٺڳن جي پارٽي (ن) ليگ وارن پنهنجي دورن ۾ ما??ل ٽائون جي معصوم عورتن تي ??ائرنگ ڪئي، بينظير جون تصويرون هيليڪاپٽر ذريعي ٻاهر اڇلايون، ن ليگ اهڙين حرڪتن جي خالق آهي، اهي ما??هو پنهنجي ٿوري ذاتي ??فادن، ڪرپشن جي ڪيسن ۽ صحت جي نالي تي ڀڳل پنهنجي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.
سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ۾ هڪ راند کيڏي پئي وڃي: شبلي فراز/شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا