چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زبان ا??تع??ال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ا??تع??ال ڪري ٿو، پهريون ڀيرو مخالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ??يس آءِ ??ي چيف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئي رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مض??ون ڇپيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ??ٻاءُ وجهي رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??ون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي ??يو آهيان جن سان معاشرو تبديل ٿيندو آهي.
مخالف ڌر فوج کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڀارت واري زبان استعمال ڪري پئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino