ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) رويني?? واري صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چيو آه?? ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آه??، اسان ڪشميري عوام تي ظلم ۽ تشدد جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي رويني?? واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري عوام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آه??، اهو انتهائي مذمت جوڳو آه??، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آه??. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري رهيو آه??، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري رهي آه?? اهو ساراهه جوڳو آه??. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر ش??وع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آه?? ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آه?? ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آه?? ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.
ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن: صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن