اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين عمران نيازي ديانتداري، شفافيت ۽ احتساب جي نالي تي عوام کي گمراهه ڪندو رهيو، فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي سندس اهو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ان کي منطقي انجام تائي پهچائيندي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته عمران نيازي جي اصل حقيقت ڇا آهي، اصل ۾ هو هڪ مڪار ماڻهو آهي. هن چيو ته 8 سالن کان عمران نيازي ان ڪيس جي فيصلي ۾ دير جي لاءِ سمورا حربا اختيار ڪيا، ان سلسلي ۾ هن 9 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪ??ون?? جڏهن 50 ڀيرا التوا گهريو ويو. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي رضامندي سان ڄاڻي واڻي غ??ط حل??يه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو ث??وت آهي ته پي ٽي آءِ بنا ڪنهن شڪ جي غيرملڪي فنڊڊ پارٽي آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل