نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم م??مد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطح بحث مباحثي جي ا??تتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وز??راعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان جد?? جد?? ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وز??راعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو وز??راعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.
وزيراعظم اڱاري تي نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام