اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي طورخم ويجهو ٿيندڙ لين?? سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ ۽ رستي جي جلد کان جلد بحالي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لين?? سلائيڊنگ ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظ??ار ڪيو. هن و??قعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ