اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ وفاقي وزير مريم اورنگزيب 14 سالن جي گهريلو ملازمه رضوانه تي تشدد جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رضوانه کي انصاف ڏيڻ بدران جوابدارن کي ضمانتون ملڻ افسوسناڪ ۽ فڪر جو لمحو آهي، مظلوم نياڻي کي آخرڪار انصاف ڏنو وڃي، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير سي?? محسن نقوي کي واقعي جو نوٽيس وٺي رضوانه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قدمن جي هدايت ??ئي آهي، مظلوم نياڻي رضوانه کي انصاف ڏيارينداسين. هن چيو ته حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملي. هن چيو ته ڪو به معاشرو اهڙو ظلم ڪندڙ ??ر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. رضوانه کي ان حال ۾ پهچائيندڙن کي قانون موجب سخت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته واقعو ٻارن سان پورهيو وٺ?? ۽ انهن سان وحشياڻي سلوڪ جي انتهائي قابل شرم ۽ قابل مذمت مثال آهي، وفاقي وزير قوم کي رضوانه جي جلد صحتيابي جي اپيل ??ئي آهي. هن چيو ته رضوانه کي جسماني ۽ ذهني صدمو پهتو ان جي ازالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن ٻارڙي کي انصاف ڏيڻ عدليه جي ساک لاءِ تمام وڏو امتحان آهي.
سڌ سماءَ وفاقي وزير پاران ننڍي ملازمه رضوانه تي تشدد جي مذمت، زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رضوانه کي انصاف ڏنو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام